اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم محمد شهباز شريف سان وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي اسلام آباد ۾ ملاقات ٿي.ملاقات دوران سنڌ جي سياسي معاملن،گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون،وڏي وزير وزيراعليٰ سنڌ صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي پيش رفت بابت وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني.وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي جلد کان جلد مڪمل ٿيڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي. هن لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته هو صوبائي حڪومت سان ويجهي رابطي ۾ رهن ته جيئن عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ تيزي آڻي سگهجي.وزيراعظم هن موقعي تي چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جي اهم اتحادي جماعت آهي، ۽ مخلوط حڪومت ۾ شامل جماعتن جي باهمي سهڪار سان قومي ترقي جو سفر وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اتحادي جماعتن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ مشاورت قومي استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل لاءِ انتهائي ضروري آهي،وزيراعظم مخلوط حڪومت جي هڪ اهم اتحادي طور سنڌ جي قيادت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته وفاق ۽ صوبن جي وچ ۾ مضبوط رابطن سان جمهوري نظام کي تقويت ملندي ۽ عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مدد ملندي،هن چيو ته مخلوط حڪومت ۾ شامل پارٽين جي گڏيل سهڪار سان قومي ترقي جو سفر وڌيڪ تيز ڪري سگهجي ٿو،ملاقات دوران سنڌ جي سياسي معاملن ۽ باهمي دلچسپي جي ٻين مامرن تي به تفصيلي ڳالهيون ٿيون.ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ، احسن اقبال ۽ وزيراعظم جي مشير رانا ثناء الله پڻ موجود هئا۔