ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ جي صورتحال بدترين ٿي وئي جتي گذريل ڪجهه سالن کان ريڊ لائن جي تعمير سبب کڏا ۽ گندو پاڻي جمع ٿيل شهرين لاءِ موت جي کوهه جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، حادثا معمول بڻجي ويا آهن، يونيورسٽي روڊ تي ريڊ لائن جي تعمير گذريل ساڍن چئن سالن کان جاري آهي ۽ منصوبي جي فوري مڪمل ٿيڻ جا امڪان نه آهن، جڏهن ته ملير هالٽ کان نمائش چورنگي تائين روڊ جي حالت بدترين آهي، جتي وڏا وڏا کڏا موجود آهن ۽ شهرين ان ۾ ڪري رهيا آهن، حسن اسڪوائر کان جيل چورنگي تائين وڃڻ واري رستي ۾ سيوريج جو پاڻي جمع آهي ۽ وڏا کڏا اتي موجود آهن جتي موٽر سائيڪل ۽ رڪشا ڪرڻ جا واقعا عام ٿي چڪا آهن، ٽي وي چينلن جي رپورٽنگ دوران به هڪ رڪشو هڪ وڏي کڏي ۾ ڪري پيو، ٻيو به رڪشو ٿوري دير بعد کڏي ۾ ڪري پيو جنهن ۾ عورتون سوار هيون، انهن کي شهرين مدد فراهم ڪئي، هڪ موٽر سائيڪل سوار پڻ کڏي ۾ ڪري پيو، شهرين پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي روڊ تباهه بڻيل آهي، جيڪي ترقياتي ڪم اڌ ۾ رهيل انهن کي پورو ڪيو وڃي.