ڪامريڊ هاشم گهانگهري جي گهراڻي جي ڪامريڊي تاريخ جو هڪ باب سندس ڌيءَ ڪامريڊ زبيده گهانگهرو به هئي جيڪا ڪالهه رات سکر اسپتال ۾ رپورٽن موجب ليپڪولي آپريشن ۾ ڊاڪٽرن جي مبينا غفلت سبب گذاري وئي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اڄ ڪلهه جون اسپتالون مڪمل طور تي ”ڪوس گهر“ بڻجي ويون آهن. جڏهن ته جديد دور ۾ ۽ ميڊيڪل جي جديد ترقي کان پوءِ جيڪر ميڊيڪل جو ملڪي نظام جديد ۽ معياري علاج سان ليس هجي پر حيرت آهي ته اڪثريتي طور تي اها شڪايت ڪئي ويندي آهي ته اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي ۽ غفلت سبب مريض جو ڪيس خراب ٿيو آهي.
ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي بيحد قيمتي ۽ مثالي زندگي به ڀٽائي صاحب چواڻي ” انڌن اونڌن ويڄن“ جي غفلت جو شڪار ٿي وئي آهي. اڪثر ايئن به ٿيندو آهي ته اسپتالن ۾ مريضن جو آپريشن ته ڪيو ويندو آهي ۽ اهو ڪامياب به ٿي ويندو آهي پر پوءِ ان جو فالو اپ صحيح طريقي سان ناهي ڪيو ويندو . ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي علاج ۽ آپريشن بابت پڻ ابتدائي طور تي اهي رپورٽون ملي رهيون آهن ته سندس آپريشن ۾ ڊاڪٽرن غفلت جو مظاهرو ڪيو آهي. ان حوالي سان يقينن وڌيڪ تفصيل ملندا ۽ انهن جي روشني ۾ وڌيڪ ان ڪيس تي لکي به سگهبو پر مجموعي طور تي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ ٻئي عملي جو مريضن توڙي انهن جي اٽينڊس سان غير انساني، غير اخلاقي ۽ غير پيشيوراڻو ورتاءُ هوندو آهي. پر مريضن جي وارثن جي مجبوري اها به هوندي آهي ته جيڪڏهن اهي اعليٰ سطح تي شڪايت ڪن ٿا ته پوءِ اهي اسپتالون اڳتي انهن جي مريضن جو ڪيس ناهن کڻنديون جنهن ڪري مريضن جا وارث اڳتي جو ڏسي ڊاڪٽرن جي خراب ٿيل ڪيسن کي اعليٰ سطح تي ناهن کڻي ويندا نه ته جيئن ٿاڻن تي ڏوهن ۽ قتلن جون ايف آءِ آرون درج ٿينديون آهن تيئن جيڪر اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي غلط علاج، غفلت ۽ ان سبب مري ويل مريضن جون به ايف آءِ آرون داخل ڪجن ۽ غلط علاج ڪندڙ ڊاڪٽرن کي گهربل سزا ڏيارجي.
اسان جي سنڌ ۾ جيڪڏهن ڊاڪٽرن جي غلط علاج سبب ۽ سندن غفلت وگهي مري ويل وڏين سياسي، ادبي، سماجي، تاريخي، صحافتي ۽ فن سان سلهاڙيل شخصيتن جي فهرست تيار ڪجي ته نالن جي وڏي تعداد سهيڙجي سگهي ٿي جيڪا سهيڙڻ به گهرجي. ان حوالي ۾ تازي ترين واردات ڪامريڊ زبيده گهانگهرو سان ٿي آهي. ڊاڪٽرن کي ڪهڙي خبر ته ڪامريڊ زبيده گهانگهرو ڪير هئي. ڪاش کين معلوم هجي ها ته هوءَ سنڌ جي روشن خيال ترقي پسند ۽ هر قسم جي استحصال کان پاڪ انساني سماج جي شعوري ۽ نظرياتي جوڙجڪ جي هڪ عملدار خاندان سان واسطو رکندي هئي. ان خاندان کي سنڌ جي فخر لائق خاندانن مان هڪ خاندان سمجهيو ويندو آهي جيڪو ڪامريڊ هاشم گهانگهرو جي خاندان طور سڃاتو ويندو آهي.
سکر جي جنهن اسپتال ۾ ڪامريڊ زبيده گهانگهرو علاج لاءِ داخل هئي تنهن کي جيڪر اها خبر هجي ها ته سندن اسپتال ۾ هڪ اهڙي مريض داخل ٿي آهي جنهن جي سورمين جهڙي حيثيت آهي. هونئن ته هر انسان جي حياتي قيمتي هوندي آهي ۽ ان هڪڙي انسان جي حياتي سان ڪيترائي خاندان ۽ ڪيتريون ئي حياتيون سلهاڙيل هونديون آهن پر ڪامريڊ هاشم گهانگهري جي خاندان سان ته سنڌ جا هزارين خاندان ۽ هزارين حياتيون سلهاڙيل آهن. ڪاش اسپتالون ناميارين شخصيتن جي علاج کي پنهنجي لاءِ اعزاز سمجهن ۽ اسپتالن اندر اهڙا بورڊ لڳائين جن تي لکيل هجي ته سندن اسپتالن مان ڪهڙين ڪهڙين وڏين شخصيتن علاج ڪرايو يا موجوده وقت ۾ داخل آهن.
سو ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي حياتي جيڪڏهن واقعي به ڊاڪٽرن جي غلفت سبب ضايع ٿي آهي ته ان جو حساب ڪتاب ٿيڻ گهرجي ان ڪري پاڻ صحت جي کاتي کي عرض ڪنداسين ته اهو اسپتالن ۾ ٿيندڙ غلط علاجن ۽ غفلتن جو نوٽيس وٺن ته جيئن ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن جي عملي جي ذهن ۾ هجي ته سندن ڪارڪردگي تي نظر آهي ۽ خراب ڪارڪردگي تي کانئن پڇاڻو ٿي سگهي ٿو.
ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي شخصي تاريخ ٻڌائي ٿي ته اها سڄي ڄمار سياسي، سماجي، ۽ تعليمي سرگرمين ۾ شامل رهي ۽ جدوجهد ڪندي رهي. سندس جدوجهد تي ڀٽائي صاحب جو هي بيت منسوب ڪجي ٿو ته ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي، وڃين ڀونءَ پيٺي ساريندين کي سڄڻين.“ ڪارميڊ زبيده جي سياسي جدوجهد جو پهريون باب شاگردي واري دور ۾ ڇوڪرين جي ڪاليج لاءِ پتوڙڻ هو ۽ ان لاءِ جلوس ڪڍڻ تي کيس ننڍي ڀيڻ ڪامريڊ حميده گهانگهرو سان گڏ جيل اماڻيو ويو. ان سياسي جدوجهد ۽ واقعي جي پس منظر تي وڏو تفصيل ڪامريڊ حميده گهانگهرو جي آتم ڪٿا جي ڪتاب ”پيڙا جو سفر“ ۾ ڏنل آهي. جيل ڪاٽڻ ۽ سياسي اسير بڻجڻ جو اعزار ماڻڻ کان پوءِ هوءَ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۾ شامل ٿي ۽ شاگرد سياست ۾ ڇوڪرين جي نمائندگي ڪئي. استاد ٿي ته پ ٽ الف جي اڳواڻ طور تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيائين. رٽائرمينٽ کان پوءِ هيومن رائٽس تنظيمن ۾ سرگرم رهي. پاڻ هيومن رائيٽس يونٽي فائونڊيشن پاڪستان جي سينئر وائيس چيئرمين طور به سماجي ڪم ڪيائين.
ڪامريڊ زبيده گهانگهرو جي لاڏاڻي تي اسين سندس ڪامريڊ ڀينرن ميڊم حميده گهانگهرو ۽ عابده گهانگهرو سان دلي تعزيت ڪرڻ چاهينداسين ڇاڪاڻ ته اهي ٻئي شخصيتون سنڌ جي سياسي، ادبي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين ۾ملوث آهن ۽ سنڌي قوم سان هر ڏکي وقت تي هر احتجاج ۽ هر آواز ۾ گڏ هونديون آهن. اڄ جڏهن مرحوم ڪامريڊ هاشم گهانگهري جون اهي نياڻيون ڏکايل آهن ته پنهنجو فرض آهي ته هن ڏک جي گهڙين ۾ ساڻن گڏ هجون ۽ ساڻن تعزيت ڪريون.