ڪراچي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ انگلينڊ کان شڪست کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا جي گهرواري ۽ پٽ آن لائن هراساني جو شڪار ٿي ويا.
اڱاري ڏينهن آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سُپر ايٽ مرحلي ۾ انگلينڊ جي هيري بروڪ جي شاندار سينچريءَ جي مدد سان پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.
پاڪستان جي شڪست تي مداحن ۽ اڳوڻن ڪرڪيٽرن طرفان رانديگرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ان دوران ڪجهه شوقينن تنقيد جو سڀ ليڪا لتاڙيندي ڪپتان سلمان علي آغا جي فيملي کي آن لائن نشانو بڻايو.
سلمان علي آغا جي زال صبا انسٽاگرام اسٽوري ذريعي پنهنجي ڪٽنب کي نشانو بڻائڻ تي ردعمل ڏنو، هن مداحن کي مخاطب ڪندي لکيو ته ”مون کي يا منهنجي معصوم پٽ کي گاريون ڏيڻ سان توهان عالمي ڪپ نه کٽيندئو.“
سلمان علي آغا جي گهرواري جي انسٽا اسٽوري تيزيءَ سان وائرل ٿي وئي، جنهن تي ڪرڪيٽ حلقن طرفان به ردعمل سامهون اچي رهيو آهي.
ان ڏس ۾ ڏکڻ آفريڪي اسپنر تبريز شمسي به ان بدسلوڪي جي مذمت ڪندي حمايت جو اظهار ڪيو.
تبريز شمسي ايڪس تي ٽوئيٽ ۾ لکيو ته”هي بيوقوفاڻو رويو مون کي ڪاوڙ ڏياريندو آهي.“
هن چيو ته ”پنهنجي ٽيم هار تي افسوس ٿيڻ فطري عمل آهي، کٽ ۽ هار راند جو حصو آهن، پر رانديگرن جي گهرڀاتين کي نشانو بڻائڻ جي ڪائي ضرورت ناهي، اِهو سمورن ملڪن جي شوقينن لاءِ آهي، مهرباني ڪري ٻين جو احترام ڪيو.“