تل ابيب (ويب ڊيسڪ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سرڪاري دوري تي اسرائيل پهچي ويو.
ايئرپورٽ تي نريندر مودي جي آجيان اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ سندس زال ڪئي.
دوري دوران مودي جي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ اسرائيلي صدر اسحق هرزوگ سان ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ ڀارت – اسرائيل اسٽريٽجڪ ڀائيواري مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.
ڀارتي وزيراعظم خميس تي اسرائيلي پارليامينٽ کي خطاب پڻ ڪندو.
ڀارتي حڪومت جو چوڻ آهي ته ڀارت – اسرائيل آزاد معاهدي تي ڳالهه ٻولهه شروع ٿي چڪي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار 3 ارب 62 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي.
You might also like