سيڪيورٽي فورسز جون بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ ڪارروائيون، 34 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف ڪارروائيون ڪندي 34 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز انٽيلجنس بنيادن تي ڪارروائيون تيز ڪيون آهن، 24 فيبروري تي خيبر پختونخواهه ۾ 4 مقابلن ۾ 26 خارجي ماريا ويا، اهي خارجي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان سلهاڙيل هئا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته حسن خيل اتر وزيرستان ڀرسان سرحد پار دراندازي جي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي، سيڪيورٽي فورسز درانداز گروهه کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو ۽ هڪ خارجي مارجي ويو، جيڪو افغان شهري هو.
لڪي مروت ۾ ڳجهي اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 3 خارجين کي ماريو ويو، جڏهن ته بنون جي علائقي نرمي خيل ۾ ٻن جهڙپن دوران 10 خارجين ۽ مير علي اتر وزيرستان ۾ 12 خارجين کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب سمبازا زوب بلوچستان ۾ جهڙپ دوران فتنه الهندستان جا 8 دهشتگرد ماريا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.