عتيقه اوڍو ۽ فهد مصطفيٰ جا هڪٻئي تي لفظي وار ۽ معافيون! معاملو ڇا آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) خانگي ٽي وي پروگرام ۾ سينيئر اداڪارا عتيقه اوڍو ميزبان طرفان پروگرام جي هڪ سيگمينٽ دوران فهد مصطفيٰ بابت تبصرو ڪيو، جنهن تي اداڪار پنهنجي پروگرام ۾ ردِعمل ڏنو جيڪو وائرل ٿيو.
ان کانپوءِ اداڪارا انسٽاگرام پوسٽ ذريعي معاملي کي ختم ڪرڻ جي اپيل ڪندي پنهنجن لفظن تي معذرت پڻ ڪئي، جنهن تي فهد مصطفيٰ پنهنجي پروگرام مان هڪ ٻيو پيغام جاري ڪيو.
پروگرام دوران ميزبان عتيقه اوڍو کي فهد مصطفيٰ جي تصوير ڏيکاري چيو ته توهان کيس ڪهڙو مشورو ڏيڻ چاهيندئو؟
جنهن تي اداڪارا جواب ڏنو ته فهد کي هاڻي پنهنجي عمر جي اداڪارائن سان يعني عورتن سان ڪم ڪرڻ گهرجي.
جنهن تي اداڪار ۽ ميزبان فهد مصطفيٰ پنهنجي پروگرام ۾ همايون سعيد کي مخاطب ڪندي چيو ته عتيقه آپا شايد پاڻ اسان جي هيروئن بڻجڻ چاهي ٿي، کيس چوڻ چاهيان ٿو ته توهان اڃا ٻه چار سرجريون ڪرايو ته پوءِ اسان توهان جا هيرو بڻجنداسين.
جنهن جي جواب ۾ سينيئر اداڪارا پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ درخواست ڪئي ته ”اچو هن معاملي کي وڌيڪ نه وڌايون ۽ گڏوگڏ به چيو ته فهد هڪ باصلاحيت ۽ محنتي اداڪار آهي.“
عتيقه اوڍو پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”هڪ انٽرويو ۾ سندس تبصري شايد فهد مصطفيٰ جي جذبن کي ڇيهو رسايو، جنهن تي هن جذباتي ردِعمل ڏنو.“
سينيئر اداڪارا وڏپڻي جو مظاهرو ڪندي لکيو ته جيڪڏهن سندس ڪنهن ڳالهه سان فهد مصطفيٰ يا ڪنهن ٻئي کي ڏک پهتو آهي ته هو معذرت خواه آهي.
اداڪارا جي بيان کانپوءِ فهد مصطفيٰ به پنهنجي پروگرام ۾ چيو ته اهو رشتو ئي ڪهڙو جنهن ۾ تڪبر هجي، رشتي خوبصورتي تڏهن آهي جڏهن معافي اچي.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عتيقه آپا توهان اسان جون وڏيون آهيو، اسان توهان سان تمام گهڻو پيار ڪريون ٿا ۽ توهان پاڪستان جي سڀ حسين عورت آهيو، اسان توهان جي اڳيان ڪجهه به ناهيون، الله توهان کي خوش رکي ۽ مان توهان کان معافي گهران ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.