ڀارت ۾ اسپتال انتظاميا جي غفلت، ڪتو ڪپيل انساني ڄنگهه کڻي ويو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اسپتال انتظاميا جي غفلت سبب ڪتو اسپتال مان انساني ڄنگهه کڻي ويو.
ڀارتي ميڊيا موجب ان حوالي سان هڪ وڊيو به سامهون آئي آهي، جنهن ۾ شملا جي اتل انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سپر اسپيشلٽيز ٻاهران هڪ ڪتي کي انساني ڄنگهه وات ۾ کڻي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اختياريون حرڪت ۾ اچي ويون ۽ جاچ ڪئي وئي، جنهن سان خبر پئي ته گذريل هفتي اسپتال ۾ هڪ سرجري دوران 61 ورهين جي مريض جي ڄنگهه ڪپي وئي هئي، ڪپيل ڄنگهه کي اسپتال جي اسٽور روم ۾ رکيو ويو هو ۽ عملي کي ٺڪاڻي لڳائڻ جو چيو ويو هو.
جاچ موجب 22 فيبروري تي عملي کان اسٽور روم جي در کي تالو لڳائڻ وسري ويو ۽ ان ئي دوران ڪتو اسٽور روم ۾ داخل ٿي ڄنگهه کڻي ڀڄي ويو.
اسپتال انتظاميا عملي کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.