عامر خان ارجيت سنگهه کي پلي بيڪ سنگنگ لاءِ راضي ڪري ورتو؟

ممبئي (ويب ڊسڪ) بالي ووڊ اداڪار عامر خان جي گلوڪار ارجيت سنگهه سان ملاقات جي اصل ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ويجهڙ عامر خان گلوڪار ارجيت سنگهه سان ملاقات ڪرڻ لاءِ سندس اباڻي گهر مرشدآباد پهتو.
ڪجهه ڏينهن اڳ ٻنهي جي اوچتو ملاقات جي وڊيو به منظر عام تي آئي هئي، جنهن کانپوءِ خبرون سامهون آيون ته شايد عامر خان گلوڪار کي ٻيهر پلي بيڪ گلوڪاري لاءِ راضي ڪرڻ آيو هو.
ان ڏس سان بالي ووڊ اداڪار هڪ انٽرويو ۾ وضاحت ڏيندي چيو ته هو ارجيت سنگهه سان ملڻ لاءِ سندس گهر ضرور ويو هو، پر هن جو مقصد ارجيت کي پلي بيڪ سنگنگ لاءِ راضي ڪرڻ نه هو.
عامر خان چيو ته هو گلوڪار جي گهر ڪنهن ٻئي مقصد لاءِ ويو هو ۽ ان دوران کيس فلمن لاءِ نه ڳائڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جو چيو، پر هو پنهنجي فيصلي تي قائم آهي.
عامر خان وڌيڪ ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ جنيد خان جي نئين فلم ”ايڪ دن“ جي گيتن جي رينڊرنگ لاءِ ارجيت وٽ ويو هو.
اداڪار انڪشاف ڪيو ته هن ارجيت کي جنيد جي ڪردار لاءِ پنج گيت ڳائڻ لاءِ راضي ڪيو، هو جنيد جي ڪردار لاءِ ڳائي رهيو آهي، ڇو ته فلم جي گيتن لاءِ اڳ ئي ڪمٽمينٽ ڪئي ويئي هئي ۽ ارجيت ان ڪمٽمينٽ کي مڪمل ڪرڻ چاهي پيو.
عامر خان وڌيڪ چيو ته جنيد خان جي فلم ۾ پنج گانا آهن ۽ سمورا گانا ارجيت ڳائي رهيو آهي.
واضح رهي ته ارجيت سنگهه 27 جنوري تي اوچتو پلي بيڪ سنگنگ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.