اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عيدالفطر تي ڪيتريون موڪلون ملنديون، ان حوالي سان اهم خبر اچي وئي.
جيڪڏهن 29 روزا ٿيا ته پهرين شوال 20 مارچ تي ٿيندي ۽ عيدالفطر 20 کان 22 مارچ تائين ملهائي ويندي.
جيڪڏهن رمضان 30 ڏينهن جو ٿيو ته پهرين شوال 21 مارچ تي ٿيندي ۽ عيد 21 کان 23 مارچ تائين ملهائي ويندي.
وفاقي حڪومت طرفان 2026 جي عوامي موڪلن جي جاري ڪيل ڪلينڊر موجب عيدالفطر جون موڪلون 21 کان 23 مارچ (ڇنڇر کان سومر) تائين هونديون، جنهن جو دارومدار چنڊ جي مشاهدي تي آهي.
چنڊ 19 مارچ تي نظر اچڻ جي صورت ۾ پاڪستان ۾ عيد جون موڪلون 20 کان 22 مارچ (جمعي کان آچر) تائين هونديون.
You might also like