پرتگالي سپر اسٽار رونالڊو روزا رکيا، ساٿي رانديگر جو انڪشاف
رياض(ويب ڊيسڪ) سڄي دنيا ۾ مسلمان رمضان جي ڀلاري مهيني جي مناسبت سان الله تعاليٰ جي خوشنودي ۽ رضا لاءِ روزا رکي رهيا آهن، اهڙي صورتحال ۾ غير مسلم پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو بابت افواهه گردش ڪري رهيون آهن ته هو به روزا رکي رهيو آهي.
رونالڊو هن وقت سعودي عرب جي النصر ڪلب واڳيل آهي ۽ ويجهڙ ۾ سندس معاهدو وڌايو ويو آهي ، جنهن کانپوءِ هو 2027ع تائين ڪلب جو حصو رهندو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، النصر جي اڳوڻي رانديگر شاءِ شراحيلي ان حوالي سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ته گذريل سال رونالڊو رمضان المبارڪ جي پهرين ٻن ڏينهن مسلمان رانديگرن سان گڏ روزو رکڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
هن چيو ته گذريل سال ڪرسٽيانو رونالڊو رمضان دوران النصر جي مسلمان رانديگرن سان گڏ روزو رکڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن ٻن ڏينهن تائين روزو رکيو ته جيئن هو محسوس ڪري سگهي ته مسلمان روزي دوران ڇا محسوس ڪندا آهن.
شاءِ شراحيلي وڌيڪ چيو ته پرڏيهي رانديگرن لاءِ شروع ۾ اهو مشڪل ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو روزمره معمول ۾ ايندڙ تبديلين جا عادي ناهن هوندا.
هن واضح ڪيو ته رونالڊو جو روزو رکڻ ڪنهن مذهبي وابستگي جو اعلان يا مستقل فيصلو نه هو، پر رڳو هڪ ذاتي تجربو هو.
ان کان اڳ النصر ۾ شموليت کانپوءِ رونالڊو کي ميدان ۾ دعا گهرندي ۽ ڪجهه پڙهندي به ڏٺو ويو هو.
You might also like