عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت مان وڏو رليف ملي ويو، ضمانتون منظور

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان جي 6 ۽ سندس گهرواري بشريٰ بي بي جي 2 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ڪري وئي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ ايڊيشنل جج افضل مجوڪا ٻنهي جي ضمانت جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
عمران خان خلاف 9 مئي واقعي، قتل جي قدمن، ڀڃ ڊاهه ۽ توشا خانا جي جعلي رسيدن جا ڪيس داخل آهن، جڏهن ته بشريٰ بي بي خلاف به توشا خانا جي جعلي رسيدن جو ڪيس ڪوهسار ٿاڻي ۾ داخل آهي.
پراسيڪيوشن طرفان راجا نويد حسين ڪياني، مظهر بشير ۽ طاهر ڪاظم عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي ضمانت جي مخالفت ڪئي.
اسٽيٽ پراسيڪيوٽر چيو ته ٻنهي خلاف پڪيون شاهديون موجود آهن ۽ ضمانت جا حقدار ناهن، درخواستون رد ڪيون وڃن.
پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي طرفان بيرسٽر سلمان صفدر دليل ڏنا.
هن چيو اهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته ضمانت جي درخواست ۾ ايتري دير ٿي، 30 موقعن تي عدالت جيل اختيارين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو پر عملدرآمد نه ٿيو ۽ 5 ڀيرا جيل سپرنٽينڊنٽ کي شوڪاز نوٽيس جاري ٿيو.
بيرسٽر سلمان وڌيڪ چيو ته ڪجهه ڪيسن رڳو ڊيڄارڻ لاءِ ٺاهيا ويندا آهن، جن ۾ فرد جرم لاڳو ناهي ٿيندو ۽ موجوده ڪيس به اهڙا ئي آهن.
هن چيو ته 5 آگسٽ 2023 تي عمران خان گرفتار ٿيو هو پر ٻن سالن تائين عدالت کي ڪنهن ڪيس ۾ گرفتاري جي درخواست نه ڪئي وئي، جاچ مڪمل نه ٿي ۽ چالان به پيش نه ٿيو.
عدالت پراسيڪيوشن کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا توشا خانا جون جعلي رسيدون برآمد ٿيون آهن، جنهن تي پراسيڪيوشن چيو ته رسيدون برآمد ناهن هيون ۽ اهو معاملو ميڊيا تي ظاهر ڪيو پئي ويو.
عدالت پراسيڪيوشن جي مطمئن نه ڪندڙ جوابن کانپوءِ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جون ضمانتون منظور ڪري ورتيون ۽ ٻنهي کي 50-50 هزار رپين جي مچلڪن عيوض رها ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
هوڏانهن بشريٰ بي بي کي هڪ ٻئي ڪيس ۾ رليف ملي ويو.
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ 26 نومبر تي پي ٽي آءِ احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل جج عامر ضيا ڪئي.
بشريٰ بي بي طرفان بيرسٽر سلمان عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عدالت 50 هزار رپين جي مچلڪي عيوض ضمانت منظور ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.