جوانن ۾ موتمار مرض جي تيزيءَ سان پکيڙ: ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

طبي ماهرن انڪشاف ڪيو آهي ته جوانن ۾ 6 قسمن جو ڪينسر تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي.
اهو انڪشاف آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آيو.
هارورڊ ميڊيڪل اسڪول جي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته گهٽ ۾ گهٽ 5 ملڪن ۾ ڪينسر جي 6 قسمن جا ڪيس وڏي عمر جي ماڻهن بدران جوانن ۾ تيزيءَ سان سامهون اچي رهيا آهن.
ان تحقيق ۾ ٻن وڏن ڪينسر ڊيٽا بيسن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيو ويو ته جيئن خبر پئجي سگهي ته 50 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ ڪينسر جي ڪيسن ۾ ڪيتري واڌ ٿي آهي.
تحقيق ۾ دريافت ٿيو ته هاڻ به ڪنهن حد تائين ڪينسر جي سڃاڻپ جوان ۽ وچولي عمر جي ماڻهن ۾ گهٽ هوندي آهي پر ڪيترائي اهڙا قسم آهن، جن جي پکيڙ تيزيءَ سان ٿي رهي آهي.
تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته 2000 کان 2017 دوران گهٽ ۾ گهٽ 10 ملڪن ۾ 50 سالن کان گهٽ عمر جي ماڻهن ۾ ڪينسر جي 13 قسمن جي ڪيسن جي انگ ۾ واڌ ٿي.
انهن مان 6 قسمن آنڊن، لبلبي، مثاني، گردن، رت ۽ سرويڪل ڪينسر جا ڪيس 5 ملڪن ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ جوان ماڻهن ۾ تيزيءَ سان سامهون اچي رهيا آهن.
ماهرن موجب ان حوالي سان وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي پر نتيجن سان عالمي سطح تي ڪينسر جي پکيڙ جي شرح ۾ ڳڻتيءَ جوڳي واڌ جو اشارو ملي ٿو.
هنن چيو ته جوان ماڻهن ۾ ڪينسر جي پکيڙ جو هڪ وڏو ڪارڻ ٿولهه آهي، جڏهن ته غير معياري غزا ۽ جسماني سرگرمين کان پري رهڻ به شامل آهي.
ان تحقيق جا نتيجا جرنل ملٽري ميڊيڪل ريسرچ ۾ ڇپيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.