متحدا جي بيانن تي پ پ قيادت وفاق کان وضاحت وٺي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته وفاقي حڪومت جي اتحادي جماعت ۽ ايم ڪيو ايم جي وفاقي وزيرن جون نفرت انگيز تقريرون ۽ سنڌ حڪومت خلاف سازشون سان کليل نموني سامهون اچي ويون آهن۔هڪ بيان ۾ هن چيو ته هڪ سوچيل سمجهيل مهم تحت وفاقي وزير سنڌ حڪومت خلاف پروپيگنڊا ۽ سازشن ۾ مصروف آهن،هن  چيو ته صوبائي حڪومت پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت کان مطالبو ڪري ٿي ته هو وفاقي حڪومت کان هن معاملي تي سنجيدگي سان وضاحت طلب ڪري، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف وفاقي حڪومت هر معاملي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کان تعاون طلب ڪري ٿي، جڏهن ته ٻي طرف ان جا اتحادي ۽ وفاقي وزير صوبي سنڌ ۽ سنڌ حڪومت خلاف روزاني جي بنياد تي ڪڌين سازشن ۾ مصروف آهن۔پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، جتي هن کيس سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي ڪارڪردگي، صوبي ۾ ٽرانسپورٽ جا منصوبن، کان آگاهه ڪيو.

18 سالن جي ڪرپشن جا پڪا ثبوت آهن: فاروق ستار

ڪراچي (رپورٽر)گل پلازا سانحي تي عدالتي ڪميشن جو اجلاس جسٽس آغا فيصل جي صدارت هيٺ ٿيو، ايم ڪيو ايم ڪميشن کي ڌر بڻجڻ جي درخواست ڪئي، جسٽس آغا فيصل ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي درخواست وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته درخواست اڳ ئي داخل ٿي چڪي آهي جنهن تي جسٽس آغا فيصل چيو ته توهان درخواست داخل ڪئي آهي، هن وقت ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي، ايم ڪيو ايم جو وڪيل طارق منصور روسٽرم تي اچي ويو ۽ چيو ته اسان ڪجهه معلومات ڏيڻ چاهيون ٿا، جسٽس آغا فيصل چيو ته جيڪا معلومات توهان ڏيڻ چاهيو ٿا اها اي ميل ذريعي ڏني وڃي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جسٽس آغا فيصل چيو ته توهان پريشان ڪري رهيا آهيو، ٻئي پاسي ڊاڪٽر فاروق ستار سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان عدالتي ڪميشن جي عدم اطمينان جو اظهار ڪريون ٿا، سانحي بابت جاچ درست نه پئي ٿئي، خالد مقبول صديقي محسوس ڪيو ته جيڪڏهن اسان وٽ ثبوت آهن ته اسان خاموش نٿا ويهي سگهون، 18 سالن کان سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ حڪومت آهي، اسان وٽ ڪرپشن جا پڪا ثبوت آهن، عمارت جي اڏاوت ۾ بي ضابطگيون ٿيون آهن.

ڪرپشن ۽ نااھلي سنڌ کي پٿر جي دور ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آھي:ڪاشف شيخ

لاڙڪاڻو/ڪراچي (پ ر) اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته حڪومتي ڪرپشن ۽ نااھلي سنڌ کي پٿر جي دور طرف ڌڪي ڇڏيو آھي. مراد علي شاھ جي قيادت ۾ 18سالن کان سنڌ ۾ قائم پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت عوام کي زندگي جي بنيادي ضرورتن صاف پاڻي تعليم ۽ صحت جي سهولتن کان محروم ڪري ڇڏيو آهي.غربت جي سطح گذريل 11 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڌي وئي آهي ۽ هاڻي اها 45 سيڪڙُو تائين پهچي وئي آهي، پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 70 ملين ماڻهو، يعني تقريباً ست ڪروڙ ماڻهو، غربت جي ليڪي کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبورآهن. سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل فهرست موجب 123 غير ملڪي ڪمپنيون پاڪستان ڇڏڻ جو فيصلو ڪري چڪيون آهن. اهي انگ اکر موجوده نام نهاد جعلي حڪمرانن  جي ان ڪوڙي دعويٰ کي مڪمل طور تي وائکو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ ” ملڪ ۾ سيڙپ ڪاري جي مينهن وسڻ“ جون دعوائون ڪيون پئي ويون. هن چيو ته  حڪمرانن جون عياشيون جاري آهن، پنجاب جي وزيراعلى مريم نواز پاران 11 ارب رپين عيوض لگزري جهاز خريد ڪرڻ ان جو تازو مثال آهي،.

ايم ڪيو ايم وري سنڌ جي وجود مٿان حملي آور ٿي آهي: وسند ٿري

حيدرآباد / مٺي / ننگرپارڪر (پ ر) عوامي تحريڪ جي سينيئر ڪارڪن، سنڌ جي حقن لاءِ لانگ مارچون ڪندڙ، محترم رسول بخش پليجي صاحب جي ساٿي، سڄي عمر هارين، پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪامريڊ مگهنو مل ڪولهي جي ٻارس جي موقعي تي گذريل ڏينهن ننگر پارڪر لڳ ڳوٺ آڌيگام ۾ جلسي عام ڪري کيس شاندار ڀيٽا ڏني وئي، جلسي عام ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ممتاز کوسو، اوڀايو جوڻيجو، اياز کوسو، اي بي چارو، ايڊووڪيٽ ديوت راءِ، ڀيرو ڪولھي، کئنراج ڪولھي، ڏاھو ڪولھي، توڳاچي، پھلاج ڪولھي، ڪرشن لال، پياسي ميگھواڙ، ھرسنگھ ڀيل، ڪلجي ڪولھي، سومجي، ساٿي منسک ڪولھي، نيتراج ڪولھي، لاکو ڪولهي، پارو ڪولھي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. ٻارس جي جلسي عام کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪامريڊ مگهنو مل ڪولهي سموري حياتي مظلوم طبقن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي، هن سنڌ جي تحفظ لاءِ عوامي تحريڪ طرفان هلندڙ جدوجهد ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو، هن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، ايم ڪيو ايم هڪ ڀيرو ٻيهر وري سنڌ جي وجود مٿان حملي آور ٿي آهي. صدر آصف زرداري کي آئيني طرح اختيار آهي ته سنڌ جي ورهاڱي جي مهم هلائندڙ گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائي ڇڏي پر پيپلز پارٽي جي قيادت گورنر کي هٽائڻ بدران سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪوڙا ڊراما ڪري رهي آهي، ٿرپارڪر مان ڪوئلي ۽ ٻي معدنيات جي ڪري اربين روپيا حڪومت وصول ڪري ٿي پر ٿر جي ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي به نٿا ڏين.

اياز پليجي جو ايم ڪيو ايم قيادت کي چئلينج

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ نامياري قانوندان، اديب دانشور اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم قيادت کي چئلينج ڪندي چيو آھي ته  ڪو به ٽي وي چينل خالد مقبول، فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ گورنر سنڌ ڪامران ٽسوري کي منھنجي سامھون ويھاري، چار ئي گڏجي دليل ڏين ۽ منھنجا دليل ٻڌن ته  سڄي دنيا جي اڳيان ھنن جا ڪوڙ پڌرا ٿي پوندا. هن چيو ته   اردو ڳالھائيندڙ اسان جا ڀائر ۽ سنڌ جو حصو آھن. ايم ڪيو ايم سدائين نفرت جي سياست ڪئي آھي. اردو ڳالهائيندڙن سميت سنڌ ۽ ملڪ جو عوام نفرت جي سياست کي رد ڪري ٿو. سنڌ ھزارين سالن کان امن، ڀائيچاري، رواداري وارو اسان جو وطن آھي، ان کي ڪير به ورھائي يا ٽوڙي نٿو سگھي. عالمي سامراجي طاقتون پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ لاءِ سنڌ کي ٽوڙي نئون اسرائيل بنائي ھن خط جي وسيلن تي قابض ٿي جنگ مسلط ڪرڻ چاھين ٿيون، ايم ڪيو ايم اڳواڻ عالمي سامراجي طاقتن جا ايجنٽ آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.