اسلام آباد (منيب فاروق) صحافي شاهين صحبائي موجب، تازو پاڪستان مان نڪتل هڪ سينيئر عملدار دعويٰ ڪئي هئي ته فوج ۽ ايئر فورس جي هزارين اهلڪارن استعيفائون موڪلي ڇڏيون آهن، جنهن سبب افواهه پکيڙيا ويا ته وڏو ٿرٿلو متل آهي. پر اهي دعوائون ڪوڙي پروپيگنڊا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڪنهن به وڏي سطح تي استعيفائون نه ڏنيون ويون آهن، ۽ سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ رپورٽون ڪوڙي پروپيگينڊا آهن. فوج ۽ ٻين ادارن جا عملدار پنهنجين ذميدارين تي قائم آهن ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ سرگرم آهن. اڻ تصديق ٿيل خبرن تي ڌيان ڏيڻ يا انهن کي وڌائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.