ڪراچي(ارباب چانڊيو)صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ اجلاس دوران سنڌ حڪومت جي ڪجهه شخصيتن تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي، انهن ۾ تنظيمي اڳواڻ ۽ حڪومتي وزير به شامل آهن،ذريعن موجبصدر آصف علي زرداري سنڌ سرڪار جي موجوده طريقيڪار ۽ رويي مان مطمئن ناهي،هن ان حوالي سان پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي،ان ڪاوڙ جو سبب اهو آهي ته سنڌ ۾ اينٽي پ پ بيانيو سرڪاري ڌر پاڪستان پيپلز پارٽي تي حاوي نظر اچي رهيو آهي،صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت ڇا ايتري ڪمزور آهي؟پ پ ايترو ڪمزور ٿي وئي آهي؟مختلف شهرن ۾ پارٽي جا عهدا رکندڙ ايترو ڪمزور ٿي ويا آهن؟ جو پ پ مخالف بيانيو وڌيڪ غالب اچي رهيو آهي؟هن سوال اٿاريو ته ان بيانيي جو مقابلو ڇو نه پيو ڪيو وڃي؟هتي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي جي ڀيٽ ۾ ايم ڪيو ايم پ پ لاءِ وارو کائي ٿي،وقت پوڻ تي ايم ڪيو ايم پ پ جي ونگار به وهي ويندي آهي،پ پ کي به لونگي لنگڙي ايم ڪيو ايم وڌيڪ بهتر لڳي ٿي،پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو هڪ ڳالهه تي پهرين ڏينهن کان ئي اتفاق آهي ته ڪهڙي به سبب جي ڪري جماعت اسلامي کي اسپيس ناهي ڏيڻو،ٻئي پاسي سڀ کان وڌيڪ ووٽر ۽ مقبوليت رکڻ باوجود سنڌ ۾ پي ٽي آءِ جو تنظيمي ڍانچو مضبوط ناهي،اها ان قابل ناهي ته وڏن شهرن ۾ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي متبادل بڻجي سامهون اچي، ڪراچي، حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ وڌيڪ ووٽ رکندڙ پي ٽي آءِ ڪنهن مهل به اٿي سامهون اچي سگهي ٿي پر هن وقت ان جي تنظيمي ڍانچي ۾ اها اهليت ۽ قابليت ناهي،ٻئي پاسي طاقتور حلقن کي سنڌ ۾ قوم پرستن جي ڀيٽ ۾ پ پ وڌيڪ مناسب لڳي ٿي،هن وقت سنڌ جي حوالي سان جيڪا بيان بازي ميڊيا تي نظر اچي رهي آهي اهو سڀ ڪجهه پنهنجي پنهنجي پگهار وڌائڻ جو چڪر آهي،سنڌ ۾ جيڪا سياسي ڇڪتاڻ هلي رهي آهي سوال اهو ٿو اٿي ته ان ۾ عوام ڪٿي آهي؟عوامي اشوز ڪٿي آهن؟پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ٻئي پاڻ ۾ ”ڪليم الله“ سليم الله“ کيڏي رهيون آهن،هلڪي ڦلڪي موسيقي جاري رهندي،اصل ڳالهه ”ٻئي ڪٿي“ طئي ٿي رهي آهي، اهو طئي آهي ته ارڙهين ترميم رول بيڪ نه ٿيندي.
نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اڱارو 24 فيبروري 2026ع تي شايع ٿيو