ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) طارق رحمان جي وزارت عظميٰ جي چارج سنڀالڻ کان ستت پوءِ بنگلاديش جي فوج ۾ اعليٰ سطح تي وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، آرمي هيڊڪوارٽر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ۾ مقرر دفاعي صلاحڪار برگيڊيئر جنرل محمد حفيظ الرحمان کي ترقي ڏئي ميجر جنرل بڻايو ويو آهي ۽ کيس 55 انفنٽري ڊويزن جو جنرل آفيسر ڪمانڊنگ مقرر ڪري ترت وطن واپس گهرايو ويو آهي.
ان کانسواءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد معين الرحمان کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميجر جنرل قيصر رشيد چوڌري کي ڊائريڪٽر جنرل آف فورسز انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ميجر جنرل محمد جهانگير عالم کي پرڏيهي کاتي ۾ سفير مقرر ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ليفٽيننٽ جنرل مير مشفيق الرحمان کي آرمڊ فورسز ڊويزن ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ پي ايس او رهندڙ ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم قمر الحسن جون خدمتون پرڏيهي کاتي حوالي ڪيون ويون آهن.
واضح رهي ته بنگلاديش ۾ 12 فيبروري تي ٿيل پارلياماني چونڊن ۾ بي اين پي 209 سيٽون کٽي واضع اڪثريت حاصل ڪئي، جڏهن ته جماعت اسلامي بنگلاديش 77 سيٽون حاصل ڪيون.
بي اين پي جو سربراهه طارق رحمان بنگلاديش جو وزيراعظم بڻجي چڪو آهي، جڏهن ته جماعت اسلامي بنگلاديش جي امير کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي.
طارق رحمان جي وزيراعظم بڻجندي ئي بنگلاديشي فوج ۾ وڏيون تبديليون، چيف آف جنرل اسٽاف به تبديل
Prev Post
افطاري کانپوءِ ٿڌ محسوس ڇو ٿيندي آهي، ڇا اها ڪنهن بيماري جي علامت آهي؟ روزيدارن لاءِ اهم خبر
Next Post
You might also like