ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته رمضان المبارڪ دوران فيبروري جي آخر ۽ مارچ جي شروعات ۾ ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران ڪوهيڙي پوڻ جو امڪان آهي. سامونڊي هوائن جي بحالي کانپوءِ هوا ۾ نمي جو تناسب وڌڻ ڪوهيڙي جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي، جڏهن ته مارچ جي ٻئي هفتي دوران شهر ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
موسميات کاتي طرفان ايندڙ ڪجهه ڏينهن اندر گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، فيبروري جي آخري ڏينهن ۽ مارچ جي شروعات ۾ ملڪ جي مٿاهين علائقن ۾ برسات ٿي سگهي ٿي.