”افغانستان طالبان کي ٻي سرحد تي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان 10 ارب رپيا گهريا“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان ۾ فضائي ڪارروائي بابت حڪومت جو باضابطا موقف سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته افغانستان طالبان کي ٻي سرحد تي منتقل ڪرڻ لاءِ پاڪستان کان 10 ارب رپيا گهريا.
پارلياماني معاملن واري وزير طارق فضل چوڌري سينيٽ اجلاس ۾ ٻڌايو ته پاڪستان جي بچاءَ واري وزير افغانستان جي مطالبي تي چيو ته 10 ارب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون پر گارنٽي ڏيو ته پوءِ مداخلت نه ٿيندي.
هن چيو ته تازن دهشتگردي جي واقعن ۾ افغان شهري ملوث آهن، انهن دهشتگردن جي موجودگي جي ڳجهي اطلاع تي افغانستان ۾ پاڪستان ايئر فورس ڪامياب ڪارروائيون ڪيون، پاڪستان افغانستان جي ٽن صوبن ۾ مختلف جاين تي ڪارروائيون ڪيون ۽ ان فضائي ڪارروائي جو هڪ پس منظر آهي، پاڪستان ڪيترائي ڀيرا افغانستان کي پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪڻ جو چيو.
سندس چوڻ هو ته اسٽرائيڪ رڳو دهشتگرد پناهگاهن ۽ تربيتي ڪيمپن تي ڪئي وئي، پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکي ٿو، پاڪستان هاڻ جنازا نه کڻندو، هڪ هڪ شهيد جي رت جو پلاند ورتو ويندو، دهشتگردي جي خاتمي تائين اسان جو آپريشن جاري رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.