افطاري کانپوءِ اسان کي اوچتو ٿڌ ڇو محسوس ٿيندي آهي؟ ماهرن ان جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.
هونئن ته ڪا به ٿڌي شئي کائڻ سان ٿڌ جو احساس ٿيندو آهي، اهو خاص طور تي ٿڌي موسم ۾ ٿيندو آهي پر رمضان ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کي افطاري کانپوءِ ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، انهن جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويندا آهن، ڇا اها ڪنهن بيماري جي علامت آهي؟
ڄاڻي ڇڏيو ته ان جو ڪارڻ ڪافي سادو آهي ۽ ڳڻتي جي ڪا به ڳالهه ناهي، جڏهن اسان روزا رکندا آهيون ته سحري ۽ افطاري جي وچ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 13 ڪلاڪن جو وقفو هوندو آهي، رمضان دوران غذا جي دورانيي ۾ ڊگهي وقفي سان صحت کي ته فائدو ٿيندو آهي پر ٿڌ جي حوالي سان جسماني حساسيت به وڌي ويندي آهي.
ماهرن موجب فاقي دوران بلڊ شگر جي سطح گهٽجي ويندي آهي، بلڊ شگر جي سطح ۾ گهٽتائي سان ٿڌ محسوس ٿيڻ جي حوالي سان اسان جي حساسيت وڌي ويندي آهي ۽ جڏهن اسان کاڌو کائيندا آهيون ته ٿڌ محسوس ٿيڻ لڳندي آهي.
اهڙي ريت عام ڏينهن جي ڀيٽ ۾ رمضان ۾ ڪيلوريز جو مقدار گهٽجڻ سان کاڌي کانپوءِ جسماني گرمي پد ۾ تبديلي ايندي آهي ۽ ميٽابولزم به سستي سان ڪم ڪندو آهي، ان جي نتيجي ۾ به افطاري کانپوءِ ٿڌ جو احساس وڌيڪ ٿيڻ لڳندو آهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن اهو تجربو افطاري کانپوءِ اڪثر ٿيندو آهي ته ان جو مطلب آهي توهان کي معمول کان وڌيڪ ڪيلوريز استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي.
You might also like