حادثن مٿان حادثا: ڀارتي هوائي فوج هڙئي تيجس جنگي جهاز گرائونڊ ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي هوائي فوج مقامي سطح تي تيار ڪيل ”تيجس“ جنگي جهازن جي هڪٻئي پٺيان حادثن کانپوءِ سمورا تيجس جهاز رائونڊ ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڀارتي ائير فورس 7 فيبروري تي پيش آيل حادثي کانپوءِ پنهنجي استعمال هيٺ 35 تيجس جنگي جهازن جي سڄي ٻيڙي کي عارضي طور گرائونڊ ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن جي فني جاچ جاري آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، حادثي جي حتمي ڪارڻ بابت اڃا تائين ڪا واضح ڄاڻ سامهون نه اچي سگهي آهي، جنهن ڪري هوائي فوج سمورن جهازن جي مڪمل جاچ جو حڪم ڏنو آهي، ان دوران لينڊنگ گيئر جي ڌاتي حصن جو تجزيو، اليڪٽرو ميگنيٽڪ بريڪنگ سسٽم ۽ آن بورڊ سافٽ ويئر جو معائنو ڪيو ويندو.
واضح رهي7 فيبروري تي پيش آيل حادثي ۾ سنگل سيٽ جهاز جو پائلٽ زخمي ٿيو هو، پر هو محفوظ رهيو، اطلاعن موجب حادثي جو شڪار جهاز جي ڍانچي کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ ان کي ناقابلِ استعمال قرار ڏئي سگهجي ٿو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 2016 ۾ تيجس جي ڀارتي هوائي فوج ۾ شموليت کانپوءِ اهو ٽيون وڏو حادثو آهي.
پهريون حادثو مارچ 2024 ۾ جيسلمير ويجهو فائر پاور مظاهري کان واپسي دوران پيش آيو هو، جنهن ۾ پائلٽ محفوظ طريقي سان ايجيڪٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو، ٻيو واقعو نومبر 2025 ۾ دبئي ايئر شو دوران فضائي ڪرتب ڏيکاريندي پيش آيو، جنهن ۾ پائلٽ حياتي وڃائي ويٺو هو.
ٻئي پاسي ڀارتي جهاز ساز ڪمپني ” هندوستان ايروناٽڪس لميٽڊ ( ايڇ اي ايل) ست فيبروري واري واقعي کي حادثو قرار ڏيڻ بدران هڪ معمولي فني خرابي قرار ڏنو آهي.
ڪمپني موجب، ايس او پيز تحت معاملي جو تفصيلي جائزو ورتو پيو وڃي ۽ مسئلي جي جلد حل لاءِ ڪمپني ڀارتي هوائي فوج سان رابطي ۾ آهي.
ايڇ اي ايل جو چوڻ آهي ته تيجس عالمي سطح تي همعصر جنگي جهازن جي ڀيٽ ۾ بهترين حفاظتي رڪارڊ رکندڙ جهازن مان شمار ٿئي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.