ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر جي صورتحال سبب سون خريد ڪرڻ جو رجحان برقرار آهي ۽ پاڪستان ۾ سون جي اگهن ۾ مسلسل واڌ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولو سون ٽي هزار رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 36 هزار 562 رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ ڏهه گرام سون ٻه هزار 572 رپيا واڌ بعد 4 لک 60 هزار 15 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 30 ڊالر واڌ سان 5138 ڊالر ٿي وئي آهي.