باشعور فڪر کان سواءِ مضبوط جمهوريت جو خواب اڻپورو آھي:مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سوچ ئي قومن جي تقدير بدلائڻ واري اصل طاقت آهي ۽ باشعور فڪر کانسواءِ مضبوط جمهوريت جو خواب اڻپورو آھي. هي ڳالهه هن ورلڊ ٿنڪنگ ڊي جي موقعي تي وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل سندس پيغام ۾ ڪئي. وڏي وزير چيو ته تنقيدي سوچ، خيالن جي ڏي وٺ ۽ برداشت قومي ترقي جو بنياد آهن. هن نوجوان نسل ۾ فڪري آزادي ۽ قيادت جي تربيت تي زور ڀريندي چيو ته پاليسي سازي ۾ ڏاھپ، تحقيق ۽ اجتماعي شعور کي ترجيح ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سماج مثبت رخ ڏانھن اڳتي وڌي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄ "صحتمند دماغ، صحتمند سماج” جي عنوان سان ورلڊ اينسيفلائٽس ڊي پڻ ملهايو پيو وڃي، جيڪو دماغي صحت جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. سندس چوڻ هو ته سنڌ حڪومت دماغي صحت جي تحفظ کي قومي ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.