ڪراچي/اٽاوا(حنيف دوامي) سنڌ حڪومت ۾ تبديلي جو اشارو؟ ڪير وڃي رهيو آهي؟ هڪ تمام وڏي خبر سامهون آئي آهي ته سنڌ ۾ وڏي تبديلي جو اشارو مليو آهي۔ انهيءَ ڪري صدرِ مملڪت آصف علي زرداري ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوی ڪراچي پهچي ويا آهن۔ بلاول هائوس ۾ اهم اجلاس شروع ٿي چڪا آهن۔ اهم شخصيتن سان صدر ۽ گهرو وزير جون الڳ الڳ ملاقاتون جاري آهن۔هاڻي سوال اهو آهي ته وڏي تبديلي ڇا ٿي سگهي ٿي؟ڇا سنڌ جو گورنر به تبديل ڪيو پيو وڃي؟يا صرف سنڌ حڪومت ۾ وزيرن جا قلمدان بدلايا پيا وڃن؟ يا وري وڏي وزير کي به تبديل ڪيو پيو وڃي؟هن وقت تائين ڪا ڳالهه واضح ناهي، پر اهو ضرور ٻڌايو پيو وڃي ته تبديلي اڻٽر ٿي چڪي آهي۔ذريعن موجب سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ ۽ هڪ وزير وچ ۾ سخت اختلاف پيدا ٿي چڪا آهن۔ هاڻي هڪ ئي حڪومت ۽ هڪ ئي ڪابينا ۾ ٻنهي جو گڏ ڪم ڪرڻ ممڪن نه رهيو آهي۔چيو پيو وڃي ته ٻنهي مان ڪنهن هڪ کي ڪابينا کان ٻاهر ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي۔ذريعن مطابق هڪ ڀيري صدرِ مملڪت ٺاهه ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي۔اهو معاملو حيدرآباد جي ايس ايس پي عادل چانڊيو جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگ تي شروع ٿيو، جنهن کي ٻنهي ڌرين انا جو مسئلو بڻائي ڇڏيو،سخت تلخي پيدا ٿي وئي ، ۽ استعيفائن جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون۔چيو وڃي ٿو ته سنڌ ۾ اهم عهدو رکندڙ نه صرف پنهنجي استعيفيٰ پر پارٽي جي لڳ ڀڳ 35 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون گڏيل استعيفائون ڏيڻ جي به ڌمڪي ڏني هئي۔ذريعن مطابق اهي ڳالهيون هڪ اهم عورت سياستدان وسيلي صدر تائين پهتيون۔ ان کان پوءِ ٻنهي کي گڏ گهرائي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پر معاملو مڪمل طور حل نه ٿيو۔هاڻي صدر پاڻ گهرو وزير سان گڏ ڪراچي آيو آهي جيئن وڏن فيصلن بابت وفاقي سطح تي به صلاح مشورو ڪري سگهجي۔اهو به واضح ناهي ته سنڌ جي گورنر بابت ڪهڙو فيصلو ٿيندو۔ پر سنڌ ڪابينا ۾ وڏي تبديلي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن۔انهيءَ اجلاس ۾ بلوچستان مان هٽايل اڳوڻي وزير بابت به فيصلو ٿيڻ جو امڪان ٻڌايو پيو وڃي ته کيس پارٽي ۾ رکيو ويندو يا پاسي تي ڪيو ويندو۔چيو پيو وڃي ته صدر ڪجهه ڏينهن بلاول هائوس ۾ قيام ڪندو۔ ايندڙ ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿيندي۔ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت هن وقت لڏندڙ حالت ۾ آهي ۽ ڪڏهن به ڪا وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي؟