لاهور(امداد سومرو)سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري اڄڪلهه گهڻن تڪرارن ۾ گهيريل آهي۔ هڪ طرف ايم ڪيو ايم جي اندروني اختلافن سبب کيس ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي،ڪو هڪ پاسي ڇڪي ٿو ته ڪو ٻئي پاسي۔ ٻئي طرف پاڪستان پيپلزپارٽي به هاڻي کلي طرح سندس مخالفت ۾ اچي وئي آهي۔چيو پيو وڃي ته گورنر هائوس ڪراچي ۾ “ڪراچي جي مستقبل” جي نالي سان ٿيل تقريب کان پوءِ سنڌ اسيمبلي ۾ سندس خلاف بغير نالو وٺڻ تقريرون ڪيون ويون ۽ قرارداد به پيش ڪئي وئي، ڇاڪاڻ ته ان تقريب ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ٿيون۔ ان کان پوءِ سوشل ميڊيا تي اها افواهه به هلي ته گورنر صاحب 45 ڏينهن جي موڪل تي ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي۔ بعد ۾ وضاحت آئي ته هو ملڪ ۾ موجود آهي ۽ ڪو به سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ناهي ٿيو۔ياد رهي ته 10 آڪٽوبر 2022 تي حڪومت جي تبديلي کان پوءِ کيس سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو هو۔ ان وقت ايم ڪيو ايم اندر به مختلف ڌڙا هئا،2024 جي چونڊن کان پوءِ مرڪزي سطح تي سياسي فارمولن تحت عهدا ورهايا ويا، پر سنڌ ۾ گورنر جي حيثيت سان سندس تسلسل برقرار رهيو۔ هاڻي حالتون ٻيهر ڳنڀير بڻجي ويون آهن۔ پيپلز پارٽي ۽ صدارتي حلقن طرفان دٻاءُ وڌڻ جون ڳالهيون آهن، جڏهن ته ايم ڪيو ايم اندر به اختلاف وڌي رهيا آهن۔ ڪجهه نالا نئين گورنر طور به گردش هيٺ ، پر حتمي فيصلو سامهون ناهي آيو۔