لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان هيري بروڪ چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي انگلينڊ جي ” هنڊريڊ ليگ “ مان ٻاهر ڪنديون ته اِهو افسوسناڪ هوندو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊگھي عرصي کان جاري سياسي ڇڪتاڻ سبب ٻئي ملڪ رڳو آءِ سي سي ايونٽس ۾ هڪ ٻئي خلاف کيڏندا آهن.
ويجهڙ ۾ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ڪولمبو ۾ شيڊيول ميچ رڳو ان صورت ۾ ممڪن ٿي هئي جڏهن پاڪستان بائيڪاٽ واري ڌمڪي تان هٿ کڻي ويو هو.
ٻنهي ملڪن جي سياسي معاملن جي ڪري پاڪستاني ڪرڪيٽرن لاءِ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل)، جيڪا دنيا جي سڀ کان منافعي بخش ٽي ٽوئنٽي ليگ آهي ۾ پهرئين ايڊيشن کانپوءِ در بند آهن.
هاڻي خبرون آهن ته انگلينڊ جي ” دي هنڊريڊ ليگ “ ۾ به ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي پنهنجي اسڪواڊ جو حصو نه بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ان ڏس ۾ انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر مائيڪل وان انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ترت اهڙين خبرن جي جاچ ڪري، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته انگلينڊ جي دي هنڊريڊ ليگ ۾ ڀارتي ملڪيت رکندڙ فرنچائزز پاڪستاني رانديگرن کي نظرانداز ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري رهيون آهن.
واضح رهي ته بي بي سي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو هو ته ايندڙ مهيني ۾ ٿيندڙ ”دي هنڊريڊ“ جي پليئرز آڪشن ۾ چار ڀارتي ملڪيت واريون فرنچائزز ڄاڻي واڻي پاڪستاني رانديگرن کي پِڪ نه ڪنديون.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 50 کان وڌيڪ پاڪستاني ڪرڪيٽرن ليگ لاءِ پنهنجي دستيابي ظاهر ڪئي آهي، جڏهن ته ڄاڻايل چار ئي فرنچائز پڻ نيلامي ۾ حصو وٺنديون.
جيڪوڻيڪ اي سي بي اڃا تائين بي بي سي جي رپورٽ تي ڪو ردعمل ناهي ڏنو، پر مائيڪل وان جو چوڻ هو ته بورڊ کي ان معاملي جي مڪمل جاچ ڪرڻ گهرجي.
هاڻي موجود انگلش ڪپتان هيري بروڪ به ان معاملي تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته ڀارتي ملڪيت وارين فرنچائزز طرفان پاڪستاني رانديگرن کي دي هنڊريڊ ليگ مان ٻاهر ڪرڻ وارو فيصلو افسوسناڪ آهي.
هوڏانهن اي سي بي جي ترجمان پنهنجي بيان چيو آهي ته دي هنڊريڊ ليگ دنيا جي مرد ۽ عورتن جي رانديگرن کي ڀليڪار ڪري ٿي ۽ اميد آهي ته اٺ ئي ٽيمون ان تنوع کي برقرار رکنديون.
واضح رهي ته گذريل سال رڳو ٻه پاڪستاني رانديگر، محمد عامر ۽ عماد وسيم ئي ان ليگ ۾ شامل ٿيا هئا ۽ ان وقت نيون فرنچائز ليگ جو حصو نه هيون.
هنڊريڊ ليگ: پاڪستاني رانديگرن سان ساڙ، مائيڪل وان بعد هيري بروڪ جو به ڀارتي هوڏ تي افسوس جو اظهار
You might also like