ڪراچي جي شهرين لاءِ خوشخبري، نيون بسون هلائڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ جلد وڌيڪ نيون بسون متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
سينيئر وزير شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي سميت جاري ٻين منصوبن ۽ عوامي سهولت بابت اهم فيصلا ڪيا ويا.
اجلاس ۾ شرجيل ميمڻ کي ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي تي جاري ترقياتي ڪمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، کيس پيش مسئلن ۽ اڳتي جي هدفن کان به آگاهه ڪيو ويو.
شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائن تي ڪم جي رفتار مجموعي طور مطمئن ڪندڙ آهي پر ان کي اڃا وڌايو وڃي، سمورا لاڳاپيل ادارا روز جي بنياد تي اڳڀرائي کي يقيني بڻائين.
هن چيو ته ترقياتي ڪمن دوران متبادل ٽريفڪ پلان تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي، نين بسن جي شروعات جي عمل کي تيز ڪيو وڃي، بس سروس ۾ واڌ سان شهرين کي محفوظ، سستي ۽ باوقار سفري سهولت فراهم ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.