ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته گورنر هائوس سنڌ حڪومت جي ڏنل پيسي سان هلندو آهي، اتي لساني سياست نٿي ٿي سگهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته لساني سياست سدائين نقصان پهچايو آهي، اهي لاڙڪاڻي، ملير ۽ حيدرآباد وڃي چوندا آهن ته سنڌ اسان جي آهي پر جڏهن لالو کيت ايندا آهن ته چوندا آهن ڪراچي کي الڳ ڪيو.
هن چيو ته دلين کي جوڙيو، اهو ٻٽو معيار درست ناهي.
You might also like