اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) سال 2025 جي ڪارڪردگي ۽ رجسٽريشن جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا.
نادرا موجب پاڪستان جي 97 سيڪڙو آبادي رجسٽرڊ ٿي چڪي آهي، جن ۾ 48 سيڪڙو عورتون شامل آهن، رڳو سال 2025 ۾ 445 ملين بائيو ميٽرڪ ويريفڪيشنز ڪيون ويون.
انگن اکرن موجب مدو ختم ٿيندڙ سڃاڻپ ڪارڊن جي تجديد ۾ 24 سيڪڙو واڌ ٿي، فوت ٿيلن جا سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرائڻ ۾ 900 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
نادرا طرفان 15 سيڪڙو خدمتون پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي فراهم ڪيون ويون ۽ شهرين گهر ويٺي خدمتن مان فائدو ورتو.
You might also like