ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ سپر ايٽ جو سيٽ اَپ ته واضح ٿي چڪو آهي، پر سوال اِهو آهي ته ڇا ميگا ايونٽ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون اچي سگهن ٿا؟
ان سوال جو جواب آهي ها، ٻنهي ٽيمن جو سيمي فائنل يا فائنل ۾ مقابلو ممڪن آهي، پر ان لاءِ سپر ايٽ مرحلي ۾ ٻنهي ٽيمن جي ڪارڪردگي اهم ڪردار ادا ڪندي.
سپر ايٽ مرحلي جون ميچون 21 فيبروري کان شروع ٿي رهيو آهي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ آمهون سامهون ٿيندا.
سپر ايٽ ۾ ليگ مرحلي جون ٽاپ اٺ ٽيمون شامل آهن، جن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، هر گروپ ۾ چار ٽيمون آهن ۽ اهي هڪ ٻئي خلاف ٽي ٽي ميچون کيڏنديون.
گروپ ون ۾ ڀارت، ڏکڻ آفريڪا، ويسٽ انڊيز ۽ زمبابوي شامل آهن، جڏهن ته گروپ ٽو ۾ پاڪستان، سريلنڪا، نيوزيلينڊ ۽ انگلينڊ کي رکيو ويو آهي.
ورلڊ ڪپ جي گروپ اسٽيج ميچ ۾ جيڪا ڪولمبو ۾ کيڏي وئي هئي، ڀارت پاڪستان کي 61 رنسن تان شڪست ڏني هئي، گڏيل طور تي پاڪستان ڀارت خلاف 13 ٽي ٽوئنٽي ميچون هارائي چڪو آهي، ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت اٺ ميچون کٽيون آهن، جڏهن ته پاڪستان رڳو هڪ ميچ ۾ ڪاميابي ماڻي آهي.
ڇا ٻئي ٽيمون سيمي فائنل ۾ آمهون سامهون ٿينديون ؟
ها، پر اِهو مخصوص حالتن ۾ ممڪن آهي، ميگا ايونٽ جو سيمي فائنل وارو فارميٽ ڪراس اوور سسٽم تي ٻڌل آهي، جتي گروپ ون جي پهرين پوزيشن واري ٽيم جو مقابلو گروپ ٽو جي ٻي پوزيشن واري ٽيم سان ٿيندو.
جيڪڏهن ڀارت پنهنجي گروپ ۾ پهرين ۽ پاڪستان پنهنجي گروپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪئي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيمي فائنل ممڪن آهي.
جيڪڏهن پاڪستان پنهنجي گروپ ۾ پهرين ۽ ڀارت ٻي پوزيشن تي آيو، تڏهن به سيمي فائنل ۾ مقابلو ٿي سگهي ٿو.
پر جيڪڏهن ٻئي ٽيمون پنهنجي پنهنجي گروپن ۾ يا ته پهرين، پهرين نمبر تي يا ٻئي ٻئي نمبر تي آيون ته سيمي فائنل ۾ ٻنهي ٽيمن جو مقابلو نه ٿيندو.
پهريون سيمي فائنل چار مارچ تي ڪولمبو يا ڪولڪتا ۾، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل پنج مارچ تي ممبئي ۾ شيڊيول آهي، جيڪڏهن پاڪستان سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو ته سيمي فائنل ميچ ڪولڪتا بدران ڪولمبو ۾ کيڏي ويندي.
ياد رهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت رڳو هڪ ڀيرو ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ آمهون سامهون آيا آهن، جڏهن ڏکڻ آفريڪا ۾ سال ٻه هزار ست ۾ ٿيل پهرئين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ مهيندر سنگهه ڌونيءَ جي قيادت ۾ ڀارت شعيب ملڪ جي پاڪستاني ٽيم کي شڪست ڏني هئي.
ڇا ٻئي ٽيمون فائنل ۾ آمهون سامهون اچي سگهن ٿيون؟
ها، اهو به ممڪن آهي.
ٽورنامينٽ جو فائنل اٺ مارچ تي احمد آباد يا ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو، جيڪڏهن پاڪستان فائنل ۾ پهچي ٿو ته ميچ ڪولمبو ۾ ٿيندي، ٻي صورت ۾ احمد آباد ۾ کيڏي ويندي.
جيڪڏهن ٻئي ٽيمون پنهنجا پنهنجا سيمي فائنل کٽي ورتا ته پوءِ فائنل ۾ سندن ٽڪراءُ ممڪن آهي، 2007ع ۾ به ٻنهي ٽيمن وچ ۾ فائنل ٿيو هو، جنهن ۾ ڀارت پاڪستان کي پنج رنسن تان شڪست ڏني هئي.
هائبرڊ ماڊل تحت پاڪستان پنهنجون هڙئي ميچون سريلنڪا ۾ کيڏي رهيو آهي ۽ جيڪڏهن پاڪستان ۽ ڀارت فائنل ۾ پهچن ٿا ته ڀارتي ٽيم کي ميچ لاءِ ڪولمبو جو سفر ڪرڻو پوندو،