چيني ڪمپني بائٽ ڊانس طرفان تيار ڪيل هڪ نئين هٿرادو ڏاهپ (اي آءِ) ماڊل هالي ووڊ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي.
اهو ماڊل نه رڳو پنهنجي حيران ڪندڙ صلاحيتن سبب خبرن ۾ آهي پر ان جي تخليقي صنعتن تي امڪاني اثرن به ڳڻتي پيدا ڪري ڇڏي آهي.
ٽيڪنالاجي جي وڏي ڪمپني بائٽ ڊانس جي تيار ڪيل ”سيدنس“ نالي ان ماڊل ۾ اها صلاحيت موجود آهي ته اهو رڳو ڪجهه لکت هدايتن جي بنياد تي سينيما معيار جون وڊيوز تيار ڪري سگهي ٿو.
سيدنس ذريعي ٺاهيل ڪيتريون ئي وڊيوز، جن ۾ مقبول ڪردار جهڙوڪ اسپائيڊر مين ۽ ڊيڊ پول شامل آهن، سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي ويون.
ان اڳڀرائي کانپوءِ وڏين فلمي ڪمپنين ڊزني ۽ پيرا مائونٽ پڪچرز فوري طور تي بائٽ ڊانس تي ڪاپي رائيٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام هنيو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ٽيڪنالاجي بابت خدشا رڳو قانوني معاملن تائين محدود ناهن پر ان جا اثر تخليقي صنعتن جي مستقبل تي به گهرا ٿي سگهن ٿا.
You might also like