ايڪشن فائدو ڏئي رهيو آهي، عظيم رانديگرن پاران ساراهڻ تي خوش آهيان: عثمان طارق

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) عثمان طارق چيو آهي ته مون کي بلڪل اميد نه هئي ته عظيم رانديگرن طرفان ساراهيو ۽ اتساهيو ويندو، مان هو هر لمحي مان لطف اندوز ۽ پنهنجي ڪرڪيٽ کي ڀرپور نموني انجواءِ ڪري رهيو آهيان.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سُپر ايٽ مرحلي ۾ نيوزيلينڊ خلاف ميچ کان اڳ ڪامينٽيٽرز سان ڳالهائيندي عثمان طارق چيو ته سچ پڇو ته ڇهه يا ست سال اڳ هو ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏي رهيو هو ۽ کيس نٿو لڳي ته اُن وقت هو ايترو تيار هو، جيترو اڄ آهي، تنهنڪري خبر ناهي ته اُن وقت سندس ردعمل ڇا هجي ها.
پنهنجي ايڪشن بابت سوال تي هن چيو ته سندس بالنگ ايڪشن شروع کان ئي اهڙو رهيو آهي، جڏهن هو ٽينس بال سان بالنگ ڪندو هو. جيڪڏهن سندس ايڪشن کي سلو موشن ۾ ڏٺو وڃي ته ٽائمنگ اڃا به موجود آهي، پر هو هوريان حرڪت ڪري ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته هو رڳو پنهنجي بالنگ ايڪشن جي حصن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ اهو طريقو سندس لاءِ فائديمند ثابت ٿيو آهي.
هن چيو ته ”مان شروع کان ئي اهڙي نموني بالنگ ڪري رهيو آهيان ۽ هاڻي ان جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.“
پاڪستاني اسپنر جو چوڻ هو ته ٽيم وٽ هڪ واضح رٿابندي موجود آهي ۽ ڪوشش ڪنداسين ته ان تي صحيح نموني عمل ڪيون، جيڪڏهن وڪيٽ ۾ اسپنرن لاءِ مدد موجود هوندي ته اها حڪمت عملي تي عملدرآمد ۾ ضرور مددگار ثابت ٿيندي.
هن چيو ته هي هڪ ٻي اهم ميچ آهي ۽ سندن مڪمل ڌيان ڪاميابي تي کتل آهي، هن رائونڊ جي پهرين ميچ ۾ فتح ٽورنامينٽ لاءِ سٺي شروعات هوندي.
مٿي تي پٽي (هيڊ بينڊ) بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪڏهن ڪڏهن وار اکين آڏو اچي وڃن ٿا ۽ کيس پريشان ڪن ٿا، انڪري هو مٿي تي پٽي ٻڌي ٿو. جڏهن کان ماڻهن ان کي پسند ڪيو آهي، تڏهن کان سندس خواهش آهي ته اها پائيندو رهي، ڀلي وار ننڍا ئي ڇو نه هجن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.