ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ رهندو، ورهاڱي جي ڪوشش آئين جي خلاف هوندي: سنڌ اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي وحدت، تاريخي حيثيت ۽ جاگرافيائي سلامتي بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن تي تفصيلي بحث ٿيو.
ٺهراءَ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ رڳو هڪ انتظامي ايڪو نه پر دنيا جي قديم ترين زندهه تهذيبن مان هڪ آهي، جنهن جون پاڙون سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ موهن ئي دڙي سان جڙيل آهي.
ٺهراءَ ۾ چيو ويو ته سنڌ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سچل سرمرست، عبدالله شاهه غازي ۽ لعل شهباز قلندر جي ڌرتي آهي، سنڌ جي سڃاڻپ ٻولي ۽ ثقافتي تسلسل جديد سياسي سرحدن کان اڳ جو ورثو آهي.
ان ۾ تاريخي حوالو ڏيندي 1936 ۾ سنڌ جي ممبئي ريزيڊنسي کان عليحدگي، 3 مارچ 1943 تي سنڌ اسيمبلي طرفان پاڪستان جي ٺهراءَ جي منظوري ۽ پاڪستان جي قيام ۾ سنڌ جي ڪردار جو ذڪر ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته آرٽيڪل 239 تحت صوبائي حدن ۾ تبديلي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ضروري آهي.
ٺهراءَ ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ کي ورهائڻ يا ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ جي ڪا به ڪوشش تاريخ، آئين ۽ جمهوري قدرن جي خلاف هوندي ۽ ان جي سخت مذمت ڪئي وڃي ٿي.
ٺهراءَ ۾ اعلان ڪيو ويو ته ڪراچي سنڌ جو اڻٽٽ حصو آهي ۽ رهندو، سنڌ جي وحدت، جاگرافيائي سلامتي ۽ تاريخي سڃاڻپ مقدس امانت آهي، آئيني، جمهوري ۽ سياسي طريقن سان سنڌ جي دفاع جو عزم ڪيون ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.