قائدِاعظم ۽ علامه اقبال جي زندگي ۽ جدوجهد تي ويب سيريز ٺاهڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته قائدِاعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال تي تاريخي ويب سيريز ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس ۾ قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه محمد اقبال جي زندگي، جدوجهد ۽ خدمتن تي ٻڌل عالمي معيار جي تاريخي ويب سيريز ٺاهڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ملڪ جي ناليوارن ميڊيا هائوسز، پروڊيوسرز، هدايتڪارن ۽ تخليقي شعبي سان واڳيل شخصيتن شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي وفاقي وزير ته قائداعظم ۽ علامه اقبال جي 150هين سالگرهه تقريبن کي رڳو رسمي پروگرامن تائين محدود نه رکيو ويندو، بامقصد ڪهاڻي ٻڌائڻ قوم سازي جو هڪ طاقتور ذريعو آهي ۽ نوجوان نسل کي پاڪستان ٺاهڻ واري نظرياتي سفر، آئين پسندي ۽ قومي قدرن سان جوڙڻ وقت جي اهم گهرج آهي.
احسن اقبال چيو ته قائداعظم جي آئيني جدوجهد ۽ علامه اقبال جي فڪري ويزن کي عالمي بيانئي جو حصو بڻايو ويندو ته جيئن دنيا کي پاڪستان جي نظرياتي ورثي ۽ فڪري گهرائي سان روشناس ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.