نيوزيلينڊ واسي آهيان، پردل پاڪستان سان گڏ آهي: مائيڪ هيسن

ڪولمبو (ويب ديسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن جو چوڻ آهي ته هو نيوزِيلينڊ سان تعلق رکي ٿو، پر هن وقت سندس دل مڪمل طور پاڪستان سان گڏ آهي.
نيوزيلينڊ سان تعلق رکندڙ اڳوڻي ڪرڪيٽر مائيڪ هيسن چيو آهي ته گرين شرٽ پائي پنهنجي ئي ملڪ جي ٽيم خلاف حڪمت عملي ٺاهڻ بابت ڪڏهن سوچيو به نه هو، پر پنهنجي ملڪ خلاف ڪنهن ٻئي ملڪ لاءِ وفادار هئڻ هڪ نئون تجربو هوندو.
هن چيو ته 7 ورهين تائين نيوزِيلينڊ جي ڪوچنگ ڪرڻ بعد هاڻي هو هن چئلينج لاءِ تيار آهي، نيرن جي ميز تي ڄاتل چهرا ڏسي سٺو محسوس ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته هو اڄ به دل سان نيوزِيلينڊر آهي، پر هن وقت سندس دل مڪمل طور پاڪستان سان گڏ آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي سپر ايٽ مرحلي جي پهرين ميچ اڄ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي.
ڪولمبو جي آر پريماداسا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول ميچ پاڪستاني وقت موجب شام ساڍي ڇهين وڳي شروع ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.