رياستي ادارن تي الزامن وارو ڪيس: سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اسلام آباد جي مقامي عدالت رياستي ادارن تي گمراهه ڪندڙ الزام ۽ ساک متاثر ڪرڻ واري ڪيس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽس رياستي ادارن تي گمراهه ڪندڙ الزام ۽ ساک متاثر ڪرڻ واري ڪيس ۾ غيرحاضري تي سهيل آفريدي جا گرفتاري وارنٽ برقرار رکيا آهن.
عدالت ان ڪيس ۾ خيبر پختونخوا جي وڏي وزير سهيل آفريدي کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته سهيل آفريدي خلاف پيڪا ايڪٽ تحت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.