مدئجي ڀرسان گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش، رڙيون ڪرڻ تي گهر ڌڻي جي زال قتل

ڳڙهي ياسين (رپورٽ: حبيب الله ڪمبوھ) ڳڙهي ياسين ڀرسان مدئجي ۾ عبدالغني ڪيهر جي گهر مان ڌاڙي جي ڪوشش، رڙيون ڪرڻ تي گهر ڌڻي جي زال قتل، مدئجي ڀرسان جمال پور ٿاڻي جي حد مدئجي جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ آباد ڪيهر ۾ نامعلوم هٿياربندن عبدالغني ڪيهر جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران رڙيون ڪرڻ تي جوابدارن فائرنگ ڪري سعيده زال عبدالغني کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. اھڙو اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاشوارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڪوششون جاري آهن، جلد کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو،آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.