شڪارپور/لکي غلام شاهه (رپورٽ: ذوالفقار مگسي/نديم جان مهر) شڪارپور ۾ سالن کان هلندڙ مڱڻيجا- ڪلهوڙا تڪرار جو جرڳو، ڌرين مٿان 7 ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويو، لکي غلام شاهه لڳ مھر ھائوسوزيرآباد ۾ اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر جي سرپئنچي ھيٺ مديجي ويجهو وڙهندڙ ڌرين مڱڻيجا ۽ ڪلھوڙا ڌرين جو جرڳو،ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 7 ڪروڙ 64 لک 50 ھزار روپيه ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، لکي غلام شاھ لڳ وزيرآباد مهر هائوس ۾ مديجي لڳ مڱڻيجا ۽ ڪلهوڙا برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو جرڳو اڳوڻي ايم اين اي غوث بخش خان مھر جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو، ٻنهي ڌرين جا 17 خون ۽ 20 زخمي ثابت ٿيا مجموعي طور تي ٻنهي ڌرين مٿان 7 ڪروڙ 64 لک 50 هزار ڏنڊ وڌو ويو، ٿيل فيصلي ۾ مڱڻيجا برادري جا 9 ڄڻا قتل ۽ 13 زخمين جا 4 ڪروڙ 21 لک روپيه ڪلھوڙن مٿان ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته ڪلھوڙا برادري جي 8 قتل ۽ 7 ڄڻن جي زخمين جا 3 ڪروڙ 43 لک 50 ھزار روپيه ڏنڊ مڱڻيجا برادري مٿان وڌو ويو ، مڱڻيجا برادري جي سردار راجا خان مڱڻيجو کي قتل ڪرڻ جا 5 عيوضا ۽ سرداري گھرائي جي ھڪ ٻئي شخص نظام الدين مڱڻيجو جي قتل جا ٻه عيوضا مقرر ڪيا ويا، اھڙي طرح سردار راجا خان مڱڻيجو جو ڪلھوڙا برادري تي ھڪ ڪروڙ 25 لک روپيه ۽ نظام الدين جو 50 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو ، جڏھن ته ڪلھوڙا برادري جي ميرل ڪلھوڙو جو پڻ ٻه عيوضا مقرر ڪيا ويا اھڙي طرح مڱڻيجن تي سندس قتل جو 50 لک روپيه ڏنڊ وڌو ويو اهڙي فيصلي بعد ٻنهي ڌرين فتوا قبول ڪري ورتي جنهن دعا خير گهري ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، فيصلي ۾ سردار معظم علي خان عباسي، سردازاده نجف علي خان ڪماريو ابڙو، ايم اين اي شهريار خان مهر، سردار تقي خان ڌاريجو، سردار حسين بخش ناريجو، ديدار حسين جتوئي سميت علائقي جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، فيصلي ۾ ڌرين کي فيصلي تي پابند رهڻ جو پابند ڪيو ويو.