اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان ۾ عمري جي زائرين لاءِ هوائي ٽڪيٽن جا ڀاڙا وڌايا ويا آهن.
رمضان شروع ٿيندي ئي هوائي ڪمپنيون عمري وارن زائرين لاءِ ڀاڙن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ايويئيشن ذريعن موجب، پهرين ڏهاڪي ۾ زائرين جي وڌندڙ انگ سبب بزنس ڪلاس جو ڀاڙو پنج لک رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اڪانومي ۽ اڪانومي پلس ڪلاس جي ڀاڙن ۾ به نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جيڪي هڪ لک 30 هزار کان 40 هزار رپين کان وڌي هڪ لک 80 هزار کان 2 لک رپين تائين وصول ڪيا پيا وڃن. بزنس ڪلاس جو ان کان اڳ ڀاڙو سوا چار کان ساڍا چار لک رپيا هو، جيڪو هاڻي پنج لک رپيا ٿي چڪو آهي.
خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي ته رمضان جي ٻئي ۽ ٽئين ڏهاڪي دوران عمري جي ادائيگي لاءِ خواهشمند زائرين جي وڌندڙ انگ سبب ڀاڙن ۾ وڌيڪ واڌ ٿي سگهي ٿي.
You might also like