لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مينز ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ مارچ ۾ بنگلاديش جو دورو ڪندي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان جاري ڪيل شيڊيول موجب، پاڪستان ٽيم نوَ مارچ تي بنگلاديش پهچندي، دوري دوران ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي ويندي.
پاڪستان ٽيم 10 مارچ تي پريڪشن سيشن ۾ حصو وٺندي، جڏهن ته سيريز جي پهرين ميچ 11 مارچ، ٻي ميچ 13 مارچ ۽ ٽِين ۽ آخري ميچ 16 مارچ تي کيڏي ويندي.
سيريز جون هڙئي ميچون شيرِ بنگلا نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ شيڊيول آهن، هي پاڪستان جو جولاءِ 2025 کانپوءِ بنگلاديش جو ٻيو دورو هوندو، جڏهن ته گذريل سال واري ٽي ٽوئنٽي سيريز بنگلاديش کٽي هئي.
ان کان اڳ، مئي ۽ جون 2025 ۾ بنگلاديشي ٽيم پاڪستان جو دورو ڪيو هو، جنهن ۾ پاڪستان سلمان علي آغا جي قيادت ۾ 3-0 تان سيريز پنهنجي نالي ڪئي هئي.