ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي رڪن رانا شوڪت پنهنجي ساٿي ميمبرن تي قتل جي ڌمڪين جا الزام لڳائي ڇڏيا، جنهن تي اسپيڪر پوليس کي ايوان ۾ طلب ڪري ورتو.
ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ ايم پي اي رانا شوڪت پنهنجي ساٿي شارق جمال تي موتمار ڌمڪين جو الزام لڳائيندي چيو ته ”مون کي شارق ڌمڪي ڏني آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”شارق چيو ته هو پراڻي پي ايس پي جو ايم اين اي آهي، اقبال محسود به ڌمڪي ڏني آهي، ان چيو ته خالد مقبول گروپ سان تعلق رکان ٿو ۽ ڌمڪي ڏني وئي ته ٻاهر نڪر ته توکي ڏسئون ٿا.“
رانا شوڪت چيو ته منهنجي گذارش آهي ته مان اسيمبلي جو ميمبر آهيان، لاڳاپيل ٿاڻي جي اختيارين کي سڏائي منهنجي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ مان ايم پي اي جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيندس.“
هن چيو ته منهنجو جنم سنڌ جي ڌرتي تي ٿيو آهي، استعيفيٰ ڏيندس ته ان کانپوءِ ڏسان ٿو، ڪير مون کي ڇا ٿو ڪري، ايم اين اي اقبال محسود هٿياربند ماڻهن سان گڏ منهنجي آفيس جا تالا ٽوڙيا، هي ايوان کان ٻاهر جو مسئلو هو، مان اسيمبلي ۾ ان تي ناهي ڳالهايو.“
صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته اسيمبلي ۾ اهڙي قسم جي ڳالهه ٿيڻ مناسب ناهي، اسپيڪر هائوس جو ڪسٽوڊين آهي، توهان رولنگ ڏيو، توهان ايس ايڇ او کي به ڪال ڪري سگهو ٿا، ايس ايڇ او ايريا جو انچارج هوندو آهي.
گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن اسان پنهنجي معزز ميمبر کي به نٿا بچائي سگهون ته پوءِ ڇا ٿيندو، اهڙي قسم جو بيان وڏي شرم جوڳي ڳالهه آهي، مان محترم ميمبر جي سيڪيورٽي جو انتظام ڪيان ٿو، جيڪڏهن کيس ڪو مسئلو ٿيو ته جنهن جو نالو هن کنيو آهي ان خلاف ڪارروائي ڪندس.“