سنڌ اسيمبلي اجلاس: گوڙ ڪندڙ متحدا ايم پي اي جي رڪنيت معطل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاهه گوڙ ڪرڻ تي متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي ايم پي اي انجينيئر سيد عثمان جي رڪنيت معطل ڪري ڇڏي.
سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم رڪن رانا شوڪت کي ڌمڪيون ملڻ واري معاملي تي اسپيڪر جي رولنگ کانپوءِ ايس ايس پي ڏکڻ ۽ ايس ايڇ او سنڌ اسيمبلي ۾ پهتا.
اسپيڪر اويس قادر شاهه چيو ته جيڪو قانوني طريقيڪار آهي، اهو اختيار ڪيو ويندو، ايم پي اي انجينيئر سيد عثمان کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ هو معافي گهرڻ تائين سندس ميمبرشپ معطل رهندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ، سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران ايم ڪيو ايم رڪن رانا شوڪت پنهنجي ساٿي ميمبر تي قتل جي ڌمڪين جو الزام لڳايو هو.
رانا شوڪت پنهنجي ساٿي شارق جمال تي موتمار ڌمڪين جو الزام لڳائيندي چيو هو ته ” مون کي شارق جمال ڌمڪي ڏني آهي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.