پي ٽي آءِ وارا ماڻهن کي آسرو ڏئي رهيا آهن، انهن سان ڪا به ڊيل نه پئي ٿئي: خواجاآصف

سيالڪوٽ (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ سان ڊيل ڍَر پئي ٿئي، پي ٽي آءِ اهڙي قسم جو ڳالهيون پکيڙي رڳو ماڻهن کي آسرو ڏيڻو آهي.
هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو هن واضح ڪيو ته ان معاملي تي ڪنهن به سطح تي ڪا ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي، باقي ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه ماڻهن سهولت جي حوالي سان ڪنهن قسم جي اپروچ ڪئي هجي.
سندس چوڻ هوته ماڻهن کي اهو ڏسڻ گهرجي ته انهن لاءِ وطن عزيز آهي يا هڪ شخص عزيز آهي.
هن چيو ته اهي ماڻهو پنهنجو نوڪري بچائڻ لاءِ اهڙا بيان ڏئي رهيا آهن، ڇو ته سندن نوڪري اڄڪلهه خطري ۾ آهي.
وفاقي وزير وزير اعظم شهباز شريف جي آمريڪي دورن کي ڪامياب قرار ڏنو ۽ چيو ته غزا امن بورڊ ۾ مسلم ملڪن جي شرڪت سان هاڪاري نتيجا نڪرندا، هن دعا ڪئي ته الله فلسطنين کي آزاد ڪري ۽ دشمنن کي نيست ۽ نابود ڪري.
خواجا آصف چيو ته جنگ کانپوءِ پاڪستان کي عالمي سطح تي ڀرپور موٽ ملي رهي آهي ۽ پاڪ فوج ۽ سپه سالار جي طاقت جو اعتراف ڪيو پيو وڃي، جيڪا هڪ وڏي فخر جوڳي ڳالهه آهي.
بچاءَ واري وزير چيو ته وزير اعظم جي آمريڪي دورن دوران فلسطينين کي آباد ڪرڻ بابت اهم ڪميٽمينٽس ڪيون ويون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته غزا ٻيهر آباد ٿيندو، فلسطينين اتي آباد ڪيو ويندو ۽ فلسطين هڪ آزاد رياست طور وجود ۾ ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.