ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ اڳواڻن جو قيادت جي نالي کُليل خط

لاهور (ويب ڊيسڪ)ڪوٽ لکپت جيل ۾ قيد پي ٽي آءِ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته رمضان جي مهيني دوران هر قسم جي احتجاجي تحريڪ ملتوي ڪئي وڃي.
شاهه محمود قريشي، عمر سرفراز چيمه، ڊاڪٽر ياسمين راشد، اعجاز چوہدري ۽ ميان محمود الرشيد طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته رمضان ۾ احتجاج روڪيو وڃي.
خط ۾ صدر آصف علي زرداري طرفان پي ٽي آءِ باني بابت ڏنل تازن بيانن جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ چيو ويو آهي ته عمران خان پر وقار طريقي سان ڏکين حالتن ۾ قيد ڪاٽي رهيو آهي.
تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن افسوس جو اظهار ڪيو ته حڪومت پي ٽي آءِ باني جي صحت تي سياست بند ڪري، خط ۾ اڳواڻن اهو به مطالبو ڪيو ته عمران خان جي ڀينرن ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کي اعتماد ۾ وٺي سندس علاج ڪيو وڃي.
اڳواڻن تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان کي اپيل ڪئي ته هو پارليامينٽ ۾ ڀرپور سياست ڪن، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي هر سطح جي عهديدارن کي نئين سر تنظيم کي منظم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.