ڪراچي)ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه مسلسل ٽئين ڏينهن به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2500 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 5 لک 26 هزار 462 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2144 رپيا واڌ سان 4 لک 51 هزار 356 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 25 ڊالر اضافي کانپوءِ 5037 ڊالر آهي.