سنڌ جي وحدت تي حملو برداشت نه ڪنداسين:اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر/ پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان يو اي اي ۾ رھنڌڙ پارٽي ساٿين جي ملاقات ڪئي ۽ عجيب برهماڻي پاران اياز لطيف پليجو جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي لاءِ لڳا اينداسين، خاموش نه ويهنداسين.ھن وقت اقتدار جي ڪرسي تي پيپلزپارٽي آھي ان خلاف بيٺل آھيون، سڀاڻ ڪا ٻي پارٽي اچي سنڌ جو اھڙو حشر ڪندي ته ان خلاف لڳا اينداسين، ھنن کان اڳ ۾ ضياءُ الحسن ۽ مشرف خلاف ھئاسين، اسان جو ڪم آھي سنڌ دشمنن خلاف جدوجھد ڪرڻ، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري  ڇڏيون. روڊ، شھر، ذخيرا، پاڻي زمينون، وسيلا، جبل، ڪارونجهر، ڪينجهر، تاريخي ماڳ سنڌ جي ھر شئي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڇڏيون آهن، ھي سنڌ کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ۽ جاگير سمجھن ٿا، سنڌ جو ورھاڱو ڪرڻ ڪونه ڏينداسين. سنڌ اسان جو تاريخي وطن آهي، سنڌ پاڪستان جو خالق صوبو آهي، غير آئيني ترميمن جي ذريعي سنڌ جي وحدت تي ڪو به حملو برداشت نه ڪنداسين، بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾  ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. وڏيرن، پيپلزپارٽي ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کي اجازت نه ڏني ويندي ته اھي سنڌ کي کپائين. پاڪستان جو محب وطن عوام ملڪ ۽ سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ ڪونه ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.