ڪراچي (رپورٽر) سرجاني ٽائون ۾ بغير نمبر پليٽ موبائل ۾ سوار سادا ڪپڙا پهريل اهلڪارن جي مبينه ڦر ۽ سي آءِ اي گارڊن ۾ شهرين کي يرغمال بڻائي رقم عيوض ڇڏڻ واري واقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار سخت نوٽيس وٺي ڇڏيو، گهرو وزير ڊي آءِ جي سي آءِ اي ۽ ايس ايس پي اولهه کي هدايت ڪئي آهي ته هو فوري طور واقعي جون سموريون تفصيلون پيش ڪن ۽ ذميوار ٽيم جوڙي معاملي جي جامع جاچ ڪرائي وڃي، ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته پوليس ۾ موجود ڪاريون رڍون ڪنهن به صورت برداشت نٿيون ڪري سگهجن ۽ ڏوهه ۾ ملوث آفيسرن ۽ اهلڪارن کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي، اطلاعن موجب سي آءِ اي گارڊن واري علائقي ۾ شهرين کي يرغمال بڻائي رقم عيوض آزاد ڪرڻ جو واقعو به سامهون آيو، جنهن تي اختيارين سنجيده ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.