پنوعاقل (رپورٽ : ارشاد رستم انڍڙ) پني عاقل ڀرسان ڳوٺ گهريو انڍڙ ۾ زال مڙس جي مبينا جهيڙي سبب عورت پٽ سميت پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏي، گمس اسپتال ۾ ماءُ پٽ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويا، ڳوٺ گهريو انڍڙ ۾ زال ۽ مڙس وچ ۾ مبينا جهيڙي سبب 35 ورهين جي عورت مسمات اختياريانزال اعجاز انڍڙ پنهنجي 15 مهينن جي پٽ سلام انڍڙ سميت پاڻ مٿان پئٽرول هاري باھ ڏئي ڇڏي جنهن کان پوءِ زخمي عورت ۽ معصوم ٻالڪ کي علاج لاءِ گمبٽ جي گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي عورت ۽ ٻالڪ فوت ٿي ويا، وارث ٻنهي جا لاش بنا ڪنهن قانوني ڪارروائي جي گهر کڻائي ويا جنهن بعد ٻنهي جي تدفين جا پڻ اطلاع مليا آهن ان حوالي سان علائقي ۾ چوٻول آهن ته عورت مڙس سان ناراض ٿي پاڻ ۽ ٻار مٿان پيٽرول هاري باھ ڏئي ساڙيو آھي پوليس موجب عورت ۽ ٻار جي سڙي فوت ٿيڻ بابت اطلاع مليو آھي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.