سحري ۽ افطار ۾ گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي ڪئي وڃي:ڪاشف سعيد

ڪراچي (رپورٽر) امير جماعت اسلامي سنڌڪاشف سعيد شيخ سنڌ ۾ وڌندڙ مهانگائي تي فوري ضابطو آڻڻ لاءِ ڪرپشن فري هنگامي قدم کڻڻ ۽ خاص طور تي رمضان شريف جي مهيني ۾ عوام کي ڀرپور رليف فراهم ڪرڻ جو حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ جي اچڻ کان اڳ ئي اٽو، کنڊ، گيهه، داليون، ڀاڄين ۽ ٻين ضروري خوراڪ جي شين جي  اگهن ۾ غيرمعمولي واڌ ڳڻتي جوڳي آهي ۽ حڪومتي رٽِ تي سواليا نشان آهي، ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيرا اندوزي سبب عام ماڻهو سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن جو تدارڪ ڪرڻ حڪومت جي اولين ذميواري آهي، هن چيو ته پرائس ڪنٽرول ڪميٽين کي فعال بڻايو وڃي، سرڪاري اگهن تي سختي سان عملدرآمد ڪرايو وڃي ۽ مهانگائي ڪندڙ واپارين خلاف بنا امتياز ڪارروائي ڪئي وڃي، سڄي دنيا ۾ مذهبي ڏينهن ۽ تهوارن جي موقعي تي شيون پاڻمرادو سستيون ڪيون وينديون آهن ته جيئن عام ماڻهو به پنهنجو فرض آساني سان ادا ڪري سگهي، پر افسوس سان هتي ان جي ابتڙ ڪجهه ماڻهو ناجائز منافعي خوري ذريعي رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني کي سڄي سال جي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏين ٿا، جيڪو سراسر ناانصافي ۽ ظلم آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.