ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪرڻ لاءِ پري-لائسنس ڊرائيونگ ٽريننگ کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ ٽريننگ کانسواءِ لائسنس جاري نه ڪيو ويندو، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جي سنڌ جي صدارت ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پوليڪي بورڊ جو 50 هين اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت جا ڪيترائي منصوبا منظور ڪيا ويا، اجلاس ۾ سنڌ جي مختلف حصن ۾ ايڇ ٽي وي ۽ ايل تي وي ڊرائيور ٽريننگ اسڪول قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته پري-لائسنس ڊرائيونگ ٽريننگ کي لازمي قرار ڏنو ويو، اجلاس ۾ مقرر ڪيو ويو ته ايندڙ 5 سالن ۾ هڪ لک ڊرائيورز کي تربيت ڏئي لائسنس جاري ڪيا ويندا، ان کان سواءِ اجلاس ۾ ماحولياتي سياحت ۽ جنگلات جي تحفظ جا منصوبا پڻ منظور ڪيا ويا، وڏي وزيرمراد علي شاهه چيو ته نوجوانن کي عالمي معيار جي تربيت ڏئي ٻاهرين ملڪ ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا، مراد علي شاهه ماربل سٽي ڪراچي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي.